اڪبر بروهي

اڪبربروهي (راڳي ):اڪبر بروهي سورج آباد محله دادو ۾ سال 1960ع ۾ ڄائو. ننڍي لاڪر راڳ سان دلچسپي هئس، ته اچي استاد محمد صالح ساند دادوءَ واري جو شاگرد بڻيو، جيڪو استاد بيبي خان جو شاگرد ۽ وڏو راڳي هو، اڪبر بروهي استاد سان تانپوري تي سنگت ڪندو هو. سوز علي فقير طبلو وڄائيندو هو. استاد صالح ساند جي وفات کان پوءِ استاد غلام عباس جيڪو استاد منور علي خان جو پٽ ۽ استاد بڙي غلام علي خان جو ڀائٽيو هو، ان جو شاگرد ٿيو. 30 سال کن رياضت ۾ لڳي ويس. هن وقت استاد نظر محمد چنا کان پوءِ راڳ جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. ڪوئٽا ريڊيو ۽ حيدرآباد ريڊيو تي اڪبر بروهي، سنڌي، بلوچي، براهوي، اردو ۽ سرائيڪي ۾ ڪلام چيا آهن. سندس آواز پنهنجي استاد محمد صالح جهڙو آهي. هن وقت دادوءَ ۾ هن کان وڌيڪ راڳ داري جي حساب سان ڪو به ڳائڻو ڪو نه آهي. منظور سخيراڻي، آصف چارڻ، يا دادوءَ جا ٻيا فنڪار سندس شاگرد آهن.


لفظ اڪبر بروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.00.00  عيسوي

اڪبر بروهي سورج آباد محله دادو ۾ سال 1960ع ۾ ڄائو



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪرم علي ملاح
عالم لوهار
ٻيجل سنڌي
استاد احمد علي ٻرڙو
استاد صادق علي خان
آزاد صوفي گائڪ
عبدالغفور سومرو
امينه گلوڪاره
استاد خورشيد علي خان
ثمينه گل
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون